مولوي عبدالقادر لغاري

مولوي عبدالقادر لغاري

عبدالقادر لغاري مولوي

عبدالقادر لغاري، مولوي: مولوي عبدالقادر ولد مولوي خير محمد لغاري (احمداڻي) 1312هه/ 1895ع ڌاري ڳوٺ ملا بخشي لغاري تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خلافت تحريڪ جي وڏن سرواڻ عالمن مان هڪ هو. سندس اصل وڏا پنجاب جي ديري غازي خان جا هئا، جتان پوءِ ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ داد لغاري ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون، مولوي عبدالقادر جي پڙڏاڏي نورنگ فقير ۽ سندس سؤٽ بخشي خان ‘ملا بخشي’ نالي پنهنجو جدا ڳوٺ ٻڌو. هن قرآن پاڪ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ڳوٺ داد ڀٽيءَ، تعلقي اوٻاوڙي ۾ مولوي غلام قادر ڀٽيءَ وٽ ويٺو. استاد جي وفات بعد پاڻ مدرسه ‘دارالرشاد’ پير جهنڊي جي ڳوٺ ۾ 1327هه/ 1909ع ۾ ويو، جتي مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺو، اتان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳئي مدرسي جو مهتم ٿي رهيو. سندس والد مولوي خير محمد لغاري (احمداڻي) سانگهڙ شهر کان 8 ڪلوميٽر اوڀر طرف مٺڙائو ۽ کپرو ڪئنال جي وچ تي رهندو هو، جتي هن پنهنجي والد سان گڏ ڳوٺ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هن ‘خلافت تحريڪ’ ۾ حصي وٺڻ سان سياست جي ميدان ۾ عملي قدم رکيو. پاڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي سياسي مڪتب فڪر جو عالم ۽ سياستدان هو. هن تحريڪ جي اول کان وٺي آخر تائين اخلاقي توڙي مالي مدد ڪئي. دوران خلافت تحريڪ جي عالمن جڏهن ’ترڪ الموالات‘ لاءِ فتويٰ جاري ڪئي ته هن به ان جي تصديق ڪئي. خلافت تحريڪ سان گڏ ’جميعت العلماءِ‘ سان به وابسته رهيو. سندس ئي ڪوششن سان ميرپور خاص ۾ هن جماعت جي شاخ قائم ٿي، جنهن جو پاڻ پهريون باني ناظم مقرر ٿيو. مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ۾ جلاوطنيءَ کان پوءِ جڏهن واپس سنڌ وريو ۽ اچي ‘بيت الحڪمت’ قائم ڪري، ان جو درس پير جهنڊي ۾ شروع ڪيو ته، مولوي عبدالقادر انهيءَ درس مان فيض حاصل ڪيو. اهڙي طرح ساڳئي ئي عرصي دوران مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جوڙيل ‘جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي’ ۾ به شموليت اختيار ڪري پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين. هن جا سنڌ جي قومي سياسي اڳواڻ سائين جي. ايم. سيد سان انتهائي دوستاڻا ۽ ويجهڙائپ وارا لاڳاپا هئا، جنهن جو ذڪر جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ پڻ ڪيو آهي. مولوي عبدالقادر مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مشهور تصنيفالله ۽ ان جي سياسي تحريڪ'>شاهه ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ’ جو سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو 1975ع ۾ شايع ٿيو. مولوي صاحب فتويٰ جو تسليم ٿيل مفتي هو. سندس فتويٰ کي عدليه سنَد طور تسليم ڪندي هئي، پاڻ يوناني طب جو ماهر حڪيم پڻ هو. ورهاڱي کانپوءِ عملي طور سياست کان ڪناره ڪشي ڪري، باقي زندگي دين جي خدمت ۾ گذارڻ لڳو.هن 05 رمضان 1395هه/ 12 سيپٽمبر 1975ع تي 82 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه يوسف جي مياڻ لڳ، ڪپوريءَ قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو